هندن جي مذهبي ڏڻ رڪشا ٻڻڌڻ تي جناب الطاف حسين جي طرفان پاڪستان سميت سڄي دنيا جي هندو برادري کي دلي مبارڪباد.
دنيا جو هر مذهب پاڻ ۾ محبت جو درس ڏيئي ٿو ۽ ڪنهن به انسان کي ناحق تڪليف پهچائڻ کان روڪي ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛10 آگسٽ 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ وسندڙ هندو برادري کي انهن جي مذهبي ڏڻ رڪشا ٻنڌڻ جي دلي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته دنيا جا تمام مذهب هڪ ٻئي جو احترام ۽ پاڻ ۾ محبت جو درس ڏين ٿا ۽ ڪنهن به ٻئي انسان کي ناحق تڪليف پهچائڻ کان روڪن ٿا. انهن فرمايو ته رڪشا ٻنڌڻ جو ڏڻ به محبت ۽ امن جي انهن ئي تعليمات جو ڏڻ آهي. جناب الطاف حسين هندو برادري جي ماڻهن کي اپيل ڪئي ته اهي پنهنجي مذهبي رسمن جي ادائگي جي موقعي تي ملڪ کي پيش آيل خطرن جي خاتمي ۽ دهشت گردن جي خلاف ملڪ جي هٿيار بند فوج جي ڪاميابي جي لاءِ خصوصي دعائون ڪن.