وفاقي حڪومت جو ايم ڪيو ايم سان اعلٰي ترين سطح تي رابطو.
وفاقي حڪومت ايم ڪيو ايم کي وزير اعظم ميان نواز شريف سان ملاقات جي باضابطه دعوت ڏيئي چڏي.
خميس جي ڏينهن ايم ڪيو ايم جو اعلٰي سطحي وفد وزير اعظم هائوس ۾ وزير اعظم سان ملاقات ڪندو.
ڪراچي؛ 5 آگسٽ 2014
وفاقي حڪومت جي طرفان متحده قومي موومينٽ سان اعلٰي ترين سطح تي رابطو ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جي وفد کي وزير اعظم ميان نواز شريف سان ملاقات جي باضابطه دعوت ڏني وئي آهي،ايم ڪيو ايم وزير اعظم ميان نواز شريف سان ملاقات جي دعوت قبول ڪري ورتي آهي ۽ خميس جي ڏينهن ايم ڪيو ايم جو اعلٰي سطحي وفد وزير اعظم هائوس ۾ ميان نواز شريف سان ملاقات ڪندو.