مظفر آباد ۾ وين کاهي ۾ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 16 ماڻهن جي هلاڪ ٿيڻ ۽ ڪجھ ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جي واقعي تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
لنڊن؛ 5 آگسٽ 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين مظفر آباد ۾ فارورڊ ڪهوٽا کان عباس پور ويندڙ وين کاهي ۾ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 16 ماڻهن جي هلاڪ ٿيڻ ۽ ڪجھ ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جي واقعي تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جناب الطاف حسين ان افسوسناڪ حادثي ۾ هلاڪ ٿيندڙ تمام ماڻهن جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالٰي ان حادثي جي نتيجي ۾ هلاڪ ٿيندڙ تمام ماڻهن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ، پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي ۽ زخمين کي جلد و مڪمل صحتيابي عطا فرمائي.آمين.