حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي سفيان يوسف جي والد محمد يوسف الدين کي ياسين آباد جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
جنازي نماز ۽ تدفين ۾ رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينرن ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، ڊاڪٽر نصرت ۽ ٻين جي شرڪت.
ڪراچي؛ 2 آگسٽ 2014
حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي سفيان يوسف جي والد محمد يوسف الدين کي ياسين آباد جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.مرحوم جي جنازي نماز فيڊرل بي ايريا جي مدينه مسجد ۾ ادا ڪئي وئي.جنازي نماز ۽ تدفين ۾ رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينرن ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، ڊاڪٽر نصرت، رابطا ڪميٽي ميمبرن، حق پرست عوامي نمائندن،تنظيمي ڪميٽين جي ذميوارن، علاقائي سيڪٽر و يونٽن جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کان علاوه مرحوم جي مٽن مائٽن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مرحوم جي مغفرت جي لاءِ دعا به ڪئي وئي.