حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي سفيان يوسف جي والد محمد يوسف الدين جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
ان کان علاوه رابطا ڪميٽي به سفيان يوسف جي والد جي وفات تي افسوس جو اظهار ڪيو.
لنڊن؛ 2 آگسٽ 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي سفيان يوسف جي والد محمد يوسف الدين جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين سفيان يوسف سميت مرحوم جي تمام سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي انهن کي صبر جي تلقين ڪئي ۽ فرمايو ته مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪنَ اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين.
ان کان علاوه ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي به سفيان يوسف جي والد جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي مرحوم جي مغفرت ۽ بلند درجات جي لاءِ دعا ڪئي.
****