Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي ۾ برسات کان پوءِ صفائي سٿرائي جي ناقص انتظامن،ڪني پاڻي جي نيڪر جي بدترين صورتحال،روڊن جي ٽٽڻ ،جڳھ جڳھ تي گندي پاڻي جو جمع ٿيڻ ۽ ڪچرن جا ڍير لڳڻ تي رابطا ڪميٽي جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.


 Posted on: 8/2/2014 1
ڪراچي ۾ برسات کان پوءِ صفائي سٿرائي جي ناقص انتظامن،ڪني پاڻي جي نيڪر جي بدترين صورتحال،روڊن جي ٽٽڻ ،جڳھ جڳھ تي گندي پاڻي جو جمع ٿيڻ ۽ ڪچرن جا ڍير لڳڻ تي رابطا ڪميٽي جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
برسات بلديه عظمٰي جي ڪارڪردگي جو پول کولي چڏيو آهي. رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 2 آگسٽ 2014
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي ۾ برسات کان پوءِ صفائي سٿرائي جي ناقص انتظامن ۽ ڪني پاڻي جي نيڪر جي بدترين صورتحال جي ڪري شهرين جي مشڪلاتن ۽ پريشانين ۾ اضافي تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو ته برسات بلديه عظمٰي جي ڪارڪردگي جو پول کولي چڏيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته برسات کان پوءِ شهر ۾ روڊن، گهٽين ۽ پاڙن ۾ هن مهل تائين برسات جو پاڻي بيٺل آهي ۽ نالن جي صفائي نه ٿيڻ جي ڪري نيڪر جي پاڻي جو مسئلو سنگين صورتحال اختيار ڪري چڪو آهي،جڳھ جڳھ تي گندگي جا ڍير لڳڻ جي ڪري مچرن ۾ به اضافو ٿي ويو آهي.رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي ملڪ جو سڀني کان وڏو شهر آهي ۽ هتي مڪاني اليڪشن نه ٿيڻ جي ڪري عوام کي پريشانين مان گذرڻو پئجي رهيو آهي ۽ اها ڳالھ ڪراچي جي شهرين سان  ناانصافي آهي.رابطا ڪميٽي چيو ته ان کان علاوه پاڻي ۽ بجلي جي مسئلن به عوام جي چيلھ ڀڃي چڏي آهي ۽ ڪراچي واٽر بورڊ ۽ ڪي اليڪٽرڪ کي شهرين جي پريشانين جو احساس ڪرڻ گهرجي.رابطا ڪميٽي گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته ڪراچي ۾ صفائي سٿرائي جي ناقص انتظامن،ڪني پاڻي جي نيڪر جي صورتحال ۽ گندگي جا ڍير لڳڻ جهڙن مسئلن جو فوري طور تي تدارڪ ڪيو وڃي ۽ بلديه عظمٰي، ڪي اليڪٽرڪ ۽ واٽر بورڊ جي ناقص ڪارڪردگي ۽ غفلت جو مظاهرو ڪرڻ تي انهن کان پچاڻو ڪيو وڃي.


5/17/2024 3:24:09 AM