رابطا ڪميٽي ميمبر اشفاق منگي جو مڪاني آفيسرن سان گڏجي ملير ۾ برسات متاثره علائقن جو دورو.
ڪراچي؛ 2 آگسٽ 2014
رابطا ڪميٽي ميمبر ۽ حق پرست نمائندي اشفاق منگي مڪاني ادارن جي آفيسرن
سان گڏجي ملير ۾ برسات متاثره علائقن جو تفصيلي دورو ڪيو ۽ شهرين سان
ملاقات ڪري انهن جا مسئلا معلوم ڪيا. ان موقعي تي شهرين جڳھ جڳھ تي ڪچري جي
ڍيرن ۽ ڪني پاڻي جي نيڪر جي صورتحال کان آگاھ ڪيو. اشفاق منگي انهن معاملن
جو نوٺس وٺندي موقعي تي ئي موجود لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن کي هدايت جاري
ڪئي ته اهي ڪني پاڻي جي نيڪر ۽ ڪچري جا ڍير کڻڻ جي لاءِ هنگامي بنيادن تي
قدمَ کڻڻ ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.انهن سنڌ
حڪومت کان مطالبو ڪيو ته شهرين کي صحت و صفائي جي فراهمي ۽ مڪاني ادارن جي
ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ فوري طور تي مڪاني اليڪشن جي تاريخ جو
اعلان ڪيو وڃي.