ايم ڪيو ايم
آمريڪا جو 18 هون سالانه ڪنوينشن“دي رائيٽ مين الطاف حسين” جي عنوان سان 22
آگسٽ کان 24 آگسٽ تائين واشنگٽن ڊي سي ۾ منعقد ڪيو ويندو. ايم ڪيو ايم
آمريڪا جواعلان.
شڪاگو؛ 2 آگسٽ 2014
متحده قومي موومينٽ آمريڪا جو 18 هون سالانه ڪنوينشن “دي رائيٽ مين الطاف
حسين”جي عنوان سان 22 آگسٽ کان 24 آگسٽ تائين واشنگٽن ڊي سي ۾ منعقد ڪيو
ويندو.جنهن ۾ پاڪستان کي پيش آيل خطرن کان بچاءُ، عالمي سطح تي رونما ٿيندڙ
تبديلين ۽ ايم ڪيو ايم جي تنظيمي معاملن سميت مختلف سيشنز جو انعقاد ڪيو
ويندو.جڏهن ته سالانه ڪنوينشن جي ٻئي ڏينهن قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو
خطاب به متوقع آهي.ڪنوينشن ۾ رابطا ڪميٽي جا ميمبرَ،حق پرست نمائندا،آمريڪا
جي يونٽن جا ذميوار، ڪارڪنَ ۽ آمريڪا ۾ مقيم پاڪستاني به وڏي تعداد ۾ شرڪت
ڪندا.ان سلسلي ۾ ڪنوينشن جي تيارين جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اجلاس منعقد ڪيو
ويو جنهن ۾ سينٽرل ڪميٽي جي ميمبر توصيف خان،چيپٽر انچارج فيصل
عثماني،جوائنٽ انچارجن ۽ ميمبرن شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ ڪنوينشن جي حوالي سان
تيارين جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.