عيد جي موقعي تي سمنڊ ڪناري سي ويو تي ٻڏي ڪري فوت ٿيندڙ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن غلام محي الدين ۽ انهن جي سوٽ کي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
ڪراچي؛پهرين آگسٽ 2014
عيد جي ٻئي ڏينهن سمنڊ ڪناري سي ويو تي ٻڏي ڪري فوت ٿيندڙ ايم ڪيو ايم گلبرگ ٽائون جي ڪارڪن 24 ساله غلام محي الدين ۽ انهن جي سوٽ 23 ساله جنيد شاھ کي سخي حسن قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. مرحومن جي اجتماعي جنازي نماز فيڊرل بي ايريا بلاڪ 3 ۾ ادا ڪئي وئي ، جنازي نماز ۽ تدفين ۾ حق پرست سنڌ اسيمبلي ميمبر خالد بن ولايت ۽ ٻين ذميوارن کان علاوه علاقائي سيڪٽر و يونٽن جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن ۽ مرحومن جي مٽن مائٽن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي انهن جي مغفرت جي لاءِ دعا به ڪئي وئي