Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي هدايت تي خدمت خلق فائونڊيشن جي زير اهتمام سمنڊ ڪناري سي ويو تي ٻڏي ڪري


 Posted on: 8/1/2014 1
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي هدايت تي خدمت خلق فائونڊيشن جي زير اهتمام سمنڊ ڪناري سي ويو تي ٻڏي ڪري هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي پونئرن جي لاءِ معلوماتي ۽ طبي ڪيمپ قائم ڪيو ويو آهي.
ڪيمپ تي رابطا ڪميٽي ميمبرَ، اسيمبلين جا حق پرست ميمبر َ ، ذميوار ۽ ڪارڪنَ مسلسل موجود رهندا.
ڪراچي؛ پهرين آگسٽ 2014
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي خصوصي هدايت تي خدمت خلق فائونڊيشن جي زير اهتمام ڪراچي ۾ سمنڊ ڪناري سي ويو تي ٻڏي ڪري هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي پونئرن جي لاءِ خصوصي معلوماتي ۽ طبي ڪيمپ قائم ڪيو ويو آهي. ڪي ڪي ايف جي طرفان لڳايل ڪيمپ تي پونئرن کي بروقت ڄاڻ ۽ طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال کان نڀرڻ جي لاءِ رابطا ڪميٽي جا ميمبر،حق پرست عوامي نمائندا ۽ ٻين ذميوارن کان علاوه ڪارڪنَ مسلسل ڪيمپ تي موجود آهن، جڏهن ته جان بچائڻ واريون قيمتي دوائون ۽ جديد آلات سان آراسته ڪي ڪي ايف جون ايمبولينسون به موجود آهن. ان کان علاوه رابطا ڪميٽي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، رابطا ڪميٽي ميمبرن ۽ حق پرست نمائندن سي ويو تي ڪي ڪي ايف جي طبي ڪيمپ جو دورو ڪيو ۽ طبي سهولتن جو جائزو ورتو ۽ ڪيمپ تي موجود متاثرن سان ملاقات ڪري انهن سان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو.ان موقعي تي ڪيمپ تي ٻڏي ويل ماڻهن جا پونئر وڏي تعداد ۾ جمع ٿي ويا ۽ پنهنجن پيارن جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪندا رهيا.
*****
 

5/17/2024 12:33:57 AM