Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

مري ۾ وڌيڪ ڪرايو وٺڻ تي ماڻهن جي طرفان احتجاج ڪرڻ جي ڪوريج ڪرڻ جي ڏوھ ۾ هوٽل ۽ بسن جي مالڪن جي طرفان ايڪسپريس نيوز، دنيا نيوز ۽ دن نيوز جي نمائندن، ڪيميره مينن ۽ ٻئي اسٽاف کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائڻ تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.


 Posted on: 8/1/2014 1
مري ۾ وڌيڪ ڪرايو وٺڻ تي ماڻهن جي طرفان احتجاج ڪرڻ جي ڪوريج ڪرڻ جي ڏوھ ۾ هوٽل ۽ بسن جي مالڪن جي طرفان  ايڪسپريس نيوز، دنيا نيوز ۽ دن نيوز جي نمائندن، ڪيميره مينن ۽ ٻئي اسٽاف کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائڻ تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي؛ پهرين آگسٽ 2014
              متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي مري ۾ هوٽل ۽ بسن جي مالڪن جي طرفان وڌيڪ ڪرايو وٺڻ تي احتجاج ڪرڻ جي ڪوريج ڪرڻ جي ڏوھ ۾ ايڪسپريس نيوز، دنيا نيوز ۽ دن نيوز جي چينلن جي نمائندن، ڪيميره مينن ۽ ٻئي اسٽاف کي تشدد جو نشانو بڻائڻ جي واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته عيد جي موقعي تي مري ۾ هوٽل ۽ بسن جي مالڪن جي طرفان سير و تفريح جي لاءِ ايندڙ مسافرن کان وڌيڪ ڪرايو وصول ڪرڻ کليل ناانصافي آهي ۽ ان تي احتجاج ڪرڻ وارن جي ڪوريج ڪرڻ تي نيوز چينلن جي اسٽاف کي تشدد جو نشانو بڻائي سچائي کي سامهون آڻڻ جي سزا ڏني وئي آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي.رابطا ڪميٽي تشدد جو نشانو بڻجندڙ اسٽاف سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي.رابطا ڪميٽي وفاقي وزير داخله ۽ وزير پنجاب کان مطالبو ڪيو ته مري ۾ نيوز چينلن جي اسٽاف کي تشدد جو نشانو بڻائڻ جو سختي سان نوٽس ورتو وڃي ۽ آزادي صحافت تي ڪاري ضرب هڻن ۾ ملوث ماڻهن کي فوري طور تي گرفتار ڪري قانون جي مطابق سخت ترين سزا ڏني وڃي

5/17/2024 4:32:40 AM