اسڪردو ۾ مسافر وين جي درياء ۾ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 4 مسافرن جي هلاڪت تي رابطا ڪميٽي جي طرفان افسوس جو اظهار.
ڪراچي؛ 29 جولائي 2014
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي اسڪردو جي علائقي گهانچي يوگو ۾ مسافر وين جي درياء ۾ ڪرڻ جي نتيجي ۾ عورتن سميت 4 ماڻهن جي هلاڪت تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ان ناخوشگوار واقعي جي ڪري عيد جي خوشي جي موقعي تي ڏک جي خبر وڏي افسوس ناڪ آهي. جنهن تي ايم ڪيو ايم سوگوار پونئرن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته اهڙن واقعن جي روڪٿام جي لاءِ حڪومت قدم َ کڻي . رابطا ڪميٽي هلاڪ ٿيندڙن جي مغفرت، انهن جي درجات جي بلندي ۽ لاپتا ٿيندڙ ماڻهن جي زنده وسلامت ملڻ جي لاءِ دعا به ڪئي.