ملڪ جي موجوده نازڪ صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڌرڻن ۽ احتجاج کان پاسو ڪيو وڃي.
اهم ذريعن جي مطابق تحريڪ انصاف جا سربراھ عمران خان 14 آگسٽ جي احتجاج واري سڏ کي واپس وٺي چڏيندا. ايم ڪيو ايم جا سينيئر ميمبرَ طارق جاويد، قاسم علي رضا ۽ مصطفٰي عزيز آبادي.
لنڊن؛ 29 جولائي 2014
متحده قومي موومينٽ جي سينيئر ميمبرن طارق جاويد، قاسم علي رضا ۽ سيد مصطفٰي عزيز آبادي پنهنجي هڪ گڏيل بيان ۾ تمام سياسي و مذهبي جماعتن کي پرزور اپيل ڪئي آهي ته اهي ملڪ جي نازڪ صورتحال کي نظر ۾ رکندي وڏي بردباري وارا فيصلا ڪن ۽ ڌرڻن ۽ احتجاجن کان پاسو ڪن.انهن چيو ته اهم ذريعن وٺان خبر ملي آهي ته عمران خان 14 آگسٽ تي پنهنجي احتجاجي ڌرڻي جي ڪال کي واپس وٺي چڏيندا.انهن خيالن جو اظهار انهن عيدجي مبارڪ ڏيڻ جي لاءِ ايندڙن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ملڪ جي ڀلائي ۽ سلامتي جي لاءِ دعائون به ڪيون ويون.
***