ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينرن، حق پرست نمائندن، شعبن جي ذميوارن ۽ عوام وڏي تعداد ۾ نائن زيرو تي جناح گرائونڊ ۾ عيد جي نماز ادا ڪئي.
ڪراچي؛ 29 جولائي 2014
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينرن ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، انجنيئر ناصر جمال، ڊاڪٽر نصرت شوڪت،رابطا ڪميٽي ميمبرن،سينيٽرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن ۽ ٻين ذميوارن کان علاوه ڪارڪنن ۽ علائقي جي ماڻهن وڏي تعداد ۾ عيد نماز جناح گرائونڊ ۾ ادا ڪئي. عيد نماز کان پوءِ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي وڏي عمر، صحت و تندرستي، تحريڪ جي ڪاميابي، حق پرست شهيدن جي بلند درجات، لاپتا ڪارڪنن جي سلامتي سان بازيابي، ملت اسلاميه جي اتحاد ۽ ملڪ جي قبائلي علائقن ۾ دهشت گردن جي خلاف جاري جنگ ۾ پاڪ فوج جي ڪاميابي ، ملڪ و ملت جي ڪاميابي ۽ اسرائيلي ظلم کان غزه جي مسلمانن جي نجات جي لاءِ خصوصي دعائون ڪيون ويون.ان کان پوءِ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن نائن زيرو تي عيد ملڻ جي لاءِ ايندڙ ڪارڪنن ۽ عوام سان ملاقات ڪئي ۽ جناب الطاف حسين جي طرفان انهن کي ۽ انهن جي گهر وارن کي عيد جي مبارڪباد جو پيغام پهچايو.
****