حق پرست ميمبر سنڌ اسيمبلي خالد بن ولايت جي والده علالت جي ڪري وفات ڪري وئي.
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان تعزيت جو اظهار.
ڪراچي؛ 28 جولائي 2014
سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبر خالد بن ولايت جي والده محترمه جميل فاطمه علالت جي ڪري وفات ڪري وئي.مرحومه جي عمر 70 سال هئي ۽ انهن پوئنرن ۾ 5 پٽ ۽ 3 نياڻيون چڏيون آهن. مرحومه ڪافي وقت کان بيمار هئي ۽ هڪ اسپتال ۾ زير علاج هئي .رابطا ڪميٽي جميل فاطمه جي وفات تي وڏي ڏک جو اظهار ڪندي خالد بن ولايت سميت مرحومه جي تمام سوگوارن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ مرحومه جي لاءِ دعا ڪئي ته الله تعالٰي انهن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي صبر جميل عطا فرمائي.آمين.