حق پرست ميمبر سنڌ اسيمبلي ۽ جوائنٽ انچارج شعبه خواتين نائله لطيف جي مڙس منير قادري جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
لنڊن؛ 28 جولائي 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين حق پرست ميمبر سنڌ اسيمبلي ۽ شعبه خواتين جي جوائنٽ انچارج نائله لطيف جي مڙس منير قادري جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين نائله لطيف سميت مرحوم جي تمام سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي انهن کي صبر جي تلقين ڪئي ۽ فرمايو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪنَ اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي منير قادري کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوار پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.ان کان علاوه رابطا ڪميٽي به منير قادري جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي.آمين.
****