حق پرست ميمبر سنڌ اسيمبلي خالد بن ولايت جي والده محترمه جميل فاطمه کي سخي حسن قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
ڪراچي؛ 28 جولائي 2014
متحده قومي موومينٽ جي ميمبر سنڌ اسيمبلي خالد بن ولايت جي والده محترمه جميل فاطمه کي آلين اکين سان گڏ سخي حسن قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.مرحومه جي جنازي نماز مسجد بلال صفه عزيز آباد نمبر 2 ۾ ادا ڪئي وئي.مرحومه جميل فاطمه جي جنازي نماز ۽ تدفين ۾ رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ناصر جمال، رابطا ڪميٽي ميمبرن، عامر خان، عادل صديقي، احمد سليم صديقي، عبدالحسيب، حق پرست ميمبرن، ڪي ٽي سي ميمبرن، سيڪٽر و يونٽن جي ذميوارن کان علاوه مرحومه جي مٽن مائٽن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.