حق پرست ميمبر سنڌ اسيمبلي خالد بن ولايت جي والده محترمه جميل فاطمه جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
لنڊن؛ 28 جولائي 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين حق پرست ميمبر سنڌ اسيمبلي خالد بن ولايت جي والده محترمه جميل فاطمه جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين خالد بن ولايت سميت مرحومه جي تمام سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪنَ اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحومه کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوارن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين.