شهيد ملت لياقت علي خان جي وڏي صاحبزادي شرافت علي خان جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان تعزيت جو اظهار.
لنڊن؛ 28 جولائي 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين شهيد ملت لياقت علي خان جي وڏي صاحبزادي شرافت علي خان جي وفات تي وڏي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين شرافت علي خان جي تمام سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪنَ اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي شرافت علي خان جي مغفرت فرمائي ۽پونئرن کي صبر جميل عطا فرمائي.آمين.