Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

منيرميان پنهنجو گهر بار، اولاد ۽ سڀ ڪجھ ئي تحريڪ جي لاءِ وقف ڪري چڏيو هو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 7/28/2014
منيرميان پنهنجو گهر بار، اولاد ۽ سڀ ڪجھ ئي تحريڪ جي لاءِ وقف ڪري چڏيو هو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
الله تعالٰي منير قادري جي مغفرت فرمائي ۽ انهن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي.
جناب الطاف حسين جي حق پرست ميمبر سنڌ اسيمبلي نائله منير سان انهن جي مڙس منير قادري جي وفات تي ٽيليفون تي تعزيت.
لنڊن؛ 28 جولائي 2014
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين حق پرست ميمبر سنڌ اسيمبلي نائله منير سان انهن جي مڙس منير قادري جي وفات تي ٽيليفون تي تعزيت ڪندي فرمايو ته خوشي جي موقعي تي خوشي جا جملا ڪهڙي به انداز ۾ ڳالهايا وڃن رسم ادا ٿي وڃي ٿي پر تعزيت ڪرڻ هميشه کان هڪ مشڪل ڪم رهيو آهي ۽ منهنجي لاءِ به ان موقعي تي تعزيت ڪرڻ انتهائي مشڪل ڪم آهي، منير ميان پنهنجو گهربار، اولاد ۽ سڀ ڪجھ تحريڪ جي لاءِ وقف ڪري چڏيو هو ۽ آخر ڪار الله سائين کي اهي پيارا ٿي ويا، ٻارن کي گهر وارن جي حوالي ڪري ويا ۽ گهر وارن کي تحريڪ جي حوالي ڪري ويا،جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي منير قادري جي مغفرت فرمائي ۽ انهن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي.جناب الطاف حسين نائله منير سان ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمايو ته الله تعالٰي مرحوم جي ٻارن جي خبر گيري جو غيب سان بهتر کان بهتر انتظام فرمائي.جناب الطاف حسين نائله منير کي صبر جي تلقين ڪندي فرمايو ته الله تعالٰي جا ڳڄ ۽ معاملا اهو پاڻ ئي ڄاڻي ٿو، الله تعالٰي اوهان کي همت ۽ قوت عطا فرمائي جو اوهان پنهنجن ٻارن جي بهتر کان بهتر ڪفالت ڪري سگهو. تحريڪ جا تمام ساٿي ، امڙيون ۽ ڀينرون اوهان سان گڏ آهن.انهن فرمايو ته انهن کي الله تعالٰي جي ذات مبارڪ تي مڪمل يقين آهي ته اهو مرحوم جي ننڍن وڏن گناهن کي معاف ڪري چڏيندو ۽ انهن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي کان اعلٰي مقام عطا فرمائيندو.جناب الطاف حسين فرمايو ته مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪنَ مرحوم منير قادري جي قربانين کي، اوهان ۽ اوهان جي گهر وارن جي قربانين کي هميشه ياد رکندا.ان کان علاوه جناب الطاف حسين حق پرست عوام کي اپيل ڪئي ته اهي منير قادري جي جنازي نماز ۾ وڌ کان وڌ تعداد ۾ شرڪت ڪري ثواب دارين حاصل ڪن.


5/16/2024 10:50:51 PM