Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ميٽرو پوليٽن پوليس ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي پوليس ضمانت ۾ ڊسمبر 2014 تائين واڌ ڪري چڏي.


 Posted on: 7/28/2014
ميٽرو پوليٽن پوليس ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي پوليس ضمانت ۾ ڊسمبر 2014 تائين واڌ ڪري چڏي.
ميٽرو پوليٽن پوليس ان باري ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي انهن جي وڪيلن جي ذريعي آگاه ڪري چڏيو آهي.
ڪارڪنن، چاهڻ وارن ۽ همدردن کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي ان پوري قانوني ڪاروائي جي دوران مڪمل صبر و تحمل کان ڪم وٺن.جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 28 جولائي 2014
           ميٽرو پوليٽن پوليس متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي پوليس ضمانت ۾ ڊسمبر 2014 تائين واڌ ڪري چڏي آهي.ميٽرو پوليٽن پوليس ان باري ۾ جناب الطاف حسين کي انهن جي وڪيلن جي ذريعي آگاه ڪري چڏيو آهي.واضع رهي ته جناب الطاف حسين کي 31 جولائي تي انٽرويو جي لاءِ پيش ٿيڻو هو.
          جناب الطاف حسين ان خبر تي تبصرو ڪندي فرمايو ته پاڻ انهن کي به اندازو هو ته انهن جي پوليس ضمانت ۾ توسيع ڪئي ويندي ۽ اها پيش رفت برطانوي قانون جي مطابق معمول جو حصو آهي.انهن پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ پکڙيل پنهنجن ڪارڪنن ، چاهڻ وارن ۽ همدردن کي اپيل ڪئي ته اهي ان پوري قانوني ڪاروائي جي دوران مڪمل طور تي صبر و تحمل کان ڪم وٺن.انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم جون پاليسيون عالمي اقدار سان مڪمل مناسبت رکن ٿيون. ايم ڪيو ايم حقيقت ۾ هڪ قومي جمهوري جماعت ۽ ملڪ جي چوٿين وڏي سياسي جماعت آهي جيڪا ملڪ ۾ حقيقي جمهوري نظام رائج ڪرڻ چاهي ٿي ۽ پاڪستان کان فرسوده جاگيرداراڻه نظام جو خاتمو ڪرڻ چاهي ٿي، جنهن ملڪ ۾ صحيح جمهوريت کي وڌڻ ويجهڻ ۽ عوام جي سچن نمائندن کي اقتدار ۾ اچڻ کان روڪي رکيو آهي.ايم ڪيو ايم ملڪ ۾ سچو منصفانه نظام قائم ڪري عوام کي زبان، رنگ و نسل، مذهب ، عقيدي ۽ فرقي وارانه تعصب جي فرق  کان سواءِ انهن جا جائز حق فراهم ڪرڻ چاهي ٿي ۽ ملڪ کان مذهبي انتها پسندي جو خاتمو ڪري پاڪستان ۾ مذهبي رواداري ۽ جمهوريت کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿي.
***

5/16/2024 6:54:39 PM