Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قائدتحريڪ جناب الطاف حسين جي پاڪستان سميت سڄي دنيا جي مسلمانن کي عيد الفطر جي دلي مبارڪباد.


 Posted on: 7/28/2014
قائدتحريڪ جناب الطاف حسين جي پاڪستان سميت سڄي دنيا جي مسلمانن کي عيد الفطر جي دلي مبارڪباد.
عيد الفطر جو ڏڻ مسلمانن جي لاءِ الله تعالٰي جي طرفان تحفو آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
سڄي دنيا جا مسلمان عيد جي خوشين ۾ ظلم جي ستايل پنهنجن ڀائرن کي به ياد رکن.
الله تعالٰي آپريشن ضرب عضب ۾ پاڪستان جي فوج کي فتح و نصرت عطا فرمائي.جناب الطاف حسين جو عيد جي موقعي تي مسلمانن جي لاءِ خصوصي پيغام ۽ دعا.
لنڊن؛ 28 جولائي 2014
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پاڪستان سميت سڄي دنيا جي مسلمانن کي عيد الفطر جي دلي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته عيد جو ڏڻ الله تعالٰي جي طرفان مسلمانن جي لاءِ هڪ تحفو آهي ۽ ان ڏينهن تمام مسلمان پنهنجن اختلافن ۽ پريشانين کي وساري الله تعالٰي جي نعمتن جو شڪر ادا ڪن ٿا ۽ پنهنجن ڀائرن جي ڏکن ۽ تڪليفن کي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.انهن فرمايو ته موجوده حالتن ۾ مسلمانن کي سخت بحرانن ۽ باطل قوتن جي سازشن جو سامنو آهي جنهن جي واضع مثال فلسطين جي مسلمانن تي اسرائيلي ظلم آهي. جنهن ۾ سوين معصوم ٻار، عورتون، بزرگ، نوجوان شهيد ۽ هزارين زخمي ۽ معذور ٿي ويا آهن. ان جي ڪري عيد جو ڏينهن اڄ مسلمانن کان اهو تقاضو ڪري رهيو آهي ته متحد ٿي ڪري مسلمانن کي موجوده بحرانن مان ڪڍڻ ۾ ڪردار ادا ڪن.انهن عيد جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ پاڪستان سميت سڄي دنيا جي مسلمانن کي چيو ته اهي عيد جي خوشين ۾ ظلم جو شڪار پنهنجن ڀائرن کي به ياد رکن ۽ بي سهارا يتيمن، مظلومن ۽ غريبن کي به عيد جي خوشين ۾ شريڪ رکن ته جيئن اسان کي الله تعالٰي جي خوشنودي حاصل ٿي سگهي.جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي عيد جي مبارڪ موقعي تي مسلمانن خصوصن غزه جي مظلوم مسلمانن کي پريشانين ، مشڪلاتن ۽ ظالمن جي ظلم کان نجات ڏياري، مسلمانن کي پاڻ ۾ اختلاف وساري ڪري هڪ ٻئي جي داد رسي ۽ خبرگيري جي توفيق عطا فرمائي ۽ ملڪ جي قبائلي علائقن ۾ دهشت گردن جي خلاف جاري آپريشن ضرب عضب ۾ پاڪ فوج کي فتح ۽ مدد عطا فرمائي.آمين.


5/16/2024 9:17:09 PM