عيدالفطر جي موقعي تي ڪراچي ۾ موٽر سائيڪل جي ڊبل سواري تي پابندي جي حڪومتي فيصلي تي سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
ڪراچي؛ 27 جولائي 2014
متحده قومي موومينٽ جي سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن عيد جي موقعي تي ڪراچي ۾ موٽر سائيڪل جي ڊبل سواري تي پابندي وجهڻ جي حڪومتي فيصلي تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته عيد جي موقعي تي شهرين جي وڏي تعداد موٽر سائيڪل تي سفر ڪري ٿي پر عيد جي موقعي تي ڊبل سواري تي پابندي هڻڻ سان شهرين جي مشڪلاتن ۾ اضافو ٿيندو.انهن گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد، وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ۽ قائم مقام آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته اهي عيد جي موقعي تي ڊبل سواري تي پابندي جي فيصلي کي فوري طور تي واپس ڪرائين.