ڪوئيٽا جي ڪنڌاري بازار ۾ ڌماڪي تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان افسوس جو اظهار.
دهشت گرد عيد جي موقعي تي ڪاروائيون ڪري عوام جي خوشين کي خراب ڪرڻ چاهين ٿا.رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 27 جولائي 2014
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪوئيٽا جي ڪنڌاري بازار ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڪجھ ماڻهن جي هلاڪ ۽ ڪن جي زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. رابطا ڪميٽي پنهنجي هڪ بيان ۾ ان واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته دهشت گرد عيد جي موقعي تي ڪاروائيون ڪري عوام جي خوشين کي خراب ڪرڻ چاهين ٿا، رابطا ڪميٽي وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اهي دهشت گردن جي ارادن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ ٺوس قدم کڻڻ ۽ سڄي ملڪ ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا وڃن .ان کان علاوه رابطا ڪميٽي دعا ڪئي ته الله تعالٰي هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جا درجات بلند فرمائي، زخمين کي جلد و مڪمل صحتيابي عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين.