Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي ۾ ڪجھ مفاد پرست پوليس اهلڪارن جي طرفان معصوم شهرين کي خوف زده ڪري رشوت وٺڻ جي واقعن تي سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.


 Posted on: 7/27/2014
ڪراچي ۾ ڪجھ مفاد پرست پوليس اهلڪارن جي طرفان معصوم شهرين کي خوف زده ڪري رشوت وٺڻ جي واقعن تي سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
شهر ۾ اسنيپ چيڪنگ جي بهاني معصوم شهرين کي تنگ ڪيو پيو وڃي ۽ عيدي جي نالي تي رشوت ورتي پئي وڃي.
ڪراچي؛ 27 جولائي 2014
             متحده قومي موومينٽ جي حق پرست ميمبرن جي طرفان ڪراچي ۾ عيد جي موقعي تي ڪجھ مفاد پرست پوليس اهلڪارن جي طرفان معصوم شهرين کي خوف زده ڪري رشوت طلب ڪرڻ جي واقعن تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.انهن چيو ته شهر ۾ عيد جي موقعي تي اسنيپ چيڪنگ  جي نالي تي جڳھ جڳھ تي معصوم ۽ بي گناھ شهرين کي تنگ ڪيو پيو وڃي ۽ عيدي جي نالي تي روزانه رشوت طلب ڪئي پئي وڃي. انهن چيو ته هڪ طرف ته شهر ۾ دهشت گردن جي طرفان پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي نشانو بڻائو پيو وڃي ۽ پوليس اهلڪار جام شهادت نوش ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ٻئي طرف ڪجھ مفاد پرست پوليس اهلڪارن جي طرفان شهرين کي خوف زده ڪرڻ جو عمل جاري آهي ان تي عوام ۾ وڏي ڳڻتي پاتي وڃي ٿي انهن گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد، وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ۽ قائم مقام آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته اهي پوليس جي طرفان عوام کان اسنيڪ چيڪنگ جي نالي تي رشوت طلب ڪرڻ جو نوٽس وٺن

5/17/2024 12:03:02 AM