ڪوٽلي ۾ مسافر بس جي کاهي ۾ ڪرڻ جي حادثي تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان تعزيت جو اظهار.
اسلام آباد؛ 27 جولائي 2014
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ميان عتيق ڪشمير کان راولپنڊي ويندڙ مسافر بس جي کاهي ۾ ڪرڻ جي دردناڪ حادثي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي هلاڪ و زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ انهن چيو ته تڪڙ ۽ لاپروائي جي ڪري حادثن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. انهن چيو ته حادثن جي روڪٿام ۽ قيمتي انساني جانين کي بچائڻ جي لاءِ ٽريفڪ قانونن جي پاسداري ۽ اصولن تي عملدرآمد هر شخص کي پنهنجي زندگي جو حصو بڻائڻ گهرجي.انهن هلاڪ ٿيندڙ تمام ماڻهن جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ڪئي ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي هلاڪ ٿيندڙن کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ زخمين کي جلد و مڪمل صحتيابي عطا فرمائي.آمين.