Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

عوامي خدمت جي جذبي سان سرشار سياست ئي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جو نصب العين آهي.يوسف شاهواڻي


 Posted on: 7/27/2014
عوامي خدمت جي جذبي سان سرشار سياست ئي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جو نصب العين آهي.يوسف شاهواڻي.
ايم ڪيو ايم عوام کي انهن جي در تائين اختيار منتقل ڪيا ته جيئن پاڪستان ۾ مظلوم ۽ محروم عوام کي انهن جا حق ملي سگهن.وسيم اختر.
نواب شاھ ۾ افطار ڊنر کي خطاب.
نواب شاھ؛ 27 جولائي 2014
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر يوسف شاهواڻي چيو آهي ته عوامي خدمت جي جذبي سان سرشار سياست ئي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جو نصب العين آهي، اسان وٽ خدمت کان سواءِ سياست کليل منافقت ۽ ڌوکو آهي.انهن خيالن جو اظهار انهن نواب شاھ زون جي زير اهتمام نواب شاھ ۾ شهر جي معززن ۽ سياسي و مذهبي شخصيتن جي اعزاز ۾ ڏنل دعوت افطار کي خطاب ڪندي ڪيو.تقريب ۾ پي پي نواب شاھ جو رهنما خالد حسين چنه، سالم زرداري، عبدالقيوم قريشي، سني تحريڪ، مسلم ليگ ن ۽ ايس يو پي جي رهنمائن ۽ ٻين کان علاوه عوام ۽ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي سنڌ تنظيمي ڪميٽي انچارج عمر قريشي، ميمبرَ، متحده سوشل فورم انچارج لونگ خان چنه،حق پرست نمائندو صابر قائم خاني ۽ ذميوار به موجود هئا.افطار ڊنر کي خطاب ڪندي يوسف شاهواڻي چيو ته ايم ڪيو ايم واحد جماعت آهي جيڪا خدمت برائي سياست تي يقين رکي ٿي ۽ اها ئي وجه آهي ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سياسي زندگي جي شروعات کان ئي وٺي ڪري ڏکايل انسانيت جي خدمت جي بنياد وڌي ۽ گهر گهر وڃي ڪري غريبن، مسڪينن ۽ بي سهارا ماڻهن جي لاءِ راشن ۽ ڪپڙا جمع ڪيا.تقريب کي خطاب ڪندي رابطا ڪميٽي معاون وسيم اختر چيو ته ايم ڪيو ايم سياست برائي خدمت جي عمل کي متعارف ڪرايو ۽ عوام کي انهن جي در تائين اختيار منتقل ڪيا.ان کان علاوه ايم ڪيو ايم مظفر آباد زون ۾ به افطار ڊنر جو اهتمام ڪيو ويو،جنهن ۾ ايم ڪيو ايم صوبائي تنظيمي ڪميٽي جي جوائنٽ انچارج محمد طاهر کوکر،ميمبرن، پشاور ۽ مظفر آباد زونن جي انچارجن ۽ ميمبرن ، واپارين ۽ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.


5/17/2024 12:02:54 AM