Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

گلشن اقبال ۾ دهشت گردن جي هٿان بي گناھ شهرين جي وحشياڻي قتل تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.


 Posted on: 7/26/2014
گلشن اقبال ۾ دهشت گردن جي هٿان بي گناھ شهرين جي وحشياڻي قتل تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
پابندي وڌل تنظيم جا دهشت گرد علائقي ۾ واقع هڪ مسجد تي قبضو ڪرڻ ۽ ان کي پنهنجين ڪاروائين جو مرڪز بڻائڻ جي لاءِ سرگرم آهن.
حق پرست ميمبر سنڌ اسيمبلي دهشت گردن جي وڌندڙ سرگرمين جي اطلاع مقامي پوليس ۽ انتظاميه کي هڪ تحريري درخواست جي صورت ۾ ڏيئي چڪا آهن.رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 26 جولائي 2014
          متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي گلشن اقبال جي بلاڪ 13ڊي 1 ۾ هٿيار بند دهشت گردن جي هٿان ٻن معصوم ۽ بي گناھ شهرين جي وحشياڻي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ مذمتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته قتل جي ان واردات ۾ هڪ پابندي وڌل جهادي تنظيم جا دهشت گرد ملوث آهن جيڪي ڪجھ وقت اڳ علائقي ۾ هڪ مسجد تي قبضو ڪرڻ ۽ ان کي پنهنجين ڪاروائين جو مرڪز بڻائڻ جي لاءِ سرگرم آهن. ان جهادي تنظيم جي طرفان مذڪوره مسجد جي سرپرستن، انتظاميه ۽ نمازين کي کليون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.اهي دهشت گرد جديد ترين هٿيارن سان ليس ٿي ڪري مسجد جي آس پاس گهٽين ۾ گشت ڪن ٿا ۽ انهن ٽي ڏينهن اڳ ئي هڪ مخصوص مذهبي فقه جي ماڻهن کي به دهشت گردي جو نشانو بڻايو آهي، جنهن ۾ علامه طالب جوهري جا ناٺي(نياڻا) به شامل آهن.انهن دهشت گردن ٻه ڏينهن اڳ فجر جي نماز جي وقت به مسجد تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر علائقي جي عوام جي احتجاج جي ڪري اتان اهي ڀڄي ويا ۽ هاڻي انهن پنهنجي ناڪامي جو انتقام وٺڻ جي لاءِ ٻن بي گناھ شهرين کي نشانو بڻائي وڌو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته علائقي جي حق پرست ميمبر سنڌ اسيمبلي جهادي دهشت گردن جي وڌندڙ سرگرمين جي باري ۾ مقامي پوليس ۽ انتظاميه کي هڪ تحريري درخواست جي ذريعي آگاھ ڪري چڪا آهن پر ان تي ڪائي به توجه نه ڏني وئي ۽ مبارڪ ڪاظمي ايڊووڪيٽ کان پوءِ هاڻي ٻه وڌيڪ ماڻهو انهن جي ور چڙهي چڪا آهن.رابطا ڪميٽي چيو ته اها ڳالھ انتهائي ڳڻتي واري ۽ غور طلب آهي ته ايم ڪيو ايم جهڙي محب وطن جماعت جيڪا پاڪ فوج ۽ ان جي آپريشن ضرب عضب جي ڀرپور حمايت ڪري رهي آهي ملڪ بچائڻ جي لاءِ هر مرحلي تي پنهنجيون خدمتون پيش ڪري رهي آهي پر ان جي بي گناھ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري انهن تي غيرانساني تشدد ڪيو پيو وڃي ۽ پاڪستان جي سالميت جي خلاف ڪم ڪرڻ وارين ۽ فوج تي حملو ڪرڻ وارين تنظيمن جا دهشت گرد شهر ۾ دهشت گردي ڪندا پيا وتن ۽ انهن کي ڪوئي به روڪڻ وارو نه آهي، اڄ ملڪ جا محب وطن عوام اهو سوال ڪن ٿا ته ڪجھ عناصر ايم ڪيو ايم کي پاڪ فوج ۽ آپريشن ضرب عضب جي حمايت ڪرڻ جي سزا ڏيئي رهيا آهن.رابطا ڪميٽي دهشت گردن جي هٿان شهيد ٿيندڙ شهرين جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪئي ۽ شهيدن جي پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار به ڪيو ۽ دعا ڪئي ته رمضان شريف جي مقدس مهيني جي آخري ڏهاڪي ۾ بي گناهن کي قتل ڪرڻ وارن تي الله تعالٰي پنهنجو بدترين عذاب نازل ڪري ۽ شهيدن کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي.آمين.



5/16/2024 7:29:29 PM