حيدرآباد ۾ کلي عام لٽ مار، چورين، ڌاڙن ۽ ٻين ڏوهن جي وارڌاتن جي پشت پناهي ڪرڻ وارا سنڌ جا دشمن آهن. حق پرست ايم پي اي دلاور قريشي.
حيدرآباد؛ 26 جولائي 2014
حيدرآباد ۾ کلي عام لٽ مار، چورين، ڌاڙن ۽ ٻين ڏوهن جي وڌندڙ وارڌاتن جي پشت پناهي ڪرڻ وارا سنڌ جا دشمن آهن.انهن خيالن جو اظهار حق پرست ايم پي اي دلاور قريشي حيدرآباد ۾ کلي عام چورين، ڌاڙن ۽ ٻين وارداتن تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڪيو.انهن چيو ته حيدرآباد ۾ ڏوهاري ماڻهن کي شهر جو امن تباھ و برباد ڪرڻ جو لائيسنس ڏنو ويو آهي، انهن وڌيڪ چيو ته ڏوهاري ماڻهن جي سرپرستي ڪرڻ وارا پوليس جا ڪجھ ڪرپٽ آفيسر پوليس جي ڪارڪردگي تي بدنما داغ آهن اهڙن پوليس آفيسرن جي خلاف سخت ترين قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.انهن چيو ته حيدرآباد ۾ پوليس جي نفري نه هجڻ جي برابر آهي ۽ شهر ۾ ڏوهن جي تعداد وڌڻ جو اهو ئي وڏو سبب آهي.انهن چيو ته حيدرآباد پوليس جو انتظام فوري طور تي مقامي پوليس آفيسرن جي حوالي ڪيو وڃي ته جيئن شهر جو امن بحال ٿي سگهي.
****