Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پوليس ۽ رينجر جي هٿان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي مسلسل گرفتارين جو سلسلو جاري آهي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


 Posted on: 7/26/2014
ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پوليس ۽ رينجر جي هٿان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي مسلسل گرفتارين جو سلسلو جاري آهي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪارڪنن کي گهرن، دڪانن ايستائين جو مسجدن کان به گرفتار ڪيو پيو وڃي.
ايم ڪيو ايم جي گرفتار ٿيل ڪارڪنن کي رها ڪيو وڃي، انهن کي غائب ڪرڻ جي بجاءِ عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ بي گناھ ڪارڪنن ۽ همدردن جي گرفتارين جو سلسلو بند ڪيو وڃي.
ڪراچي؛ 26 جولائي 2014
              متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پوليس ۽ رينجر جي هٿان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي مسلسل گرفتارين جي سخت ترين لفطن ۾ مذمت ڪئي آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي ۾ رمضان شريف ۾ به ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي گهرن، دڪانن ايستائين جو مسجدن کان عبادت ڪندي به گرفتار ڪيو پيو وڃي.انهن کي سرڪاري حراست ۾ وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ ڪوڙن مقدمن ۾ ملوث ڪيو پيو وڃي. رابطا ڪميٽي چيو ته گذريل هڪ هفتي جي دوران ايم ڪيو ايم جي درجنين ڪارڪنن ۽ همدردن کي ڪراچي جي مختلف علائقن کان گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ جن مان ڪيترائي ڪارڪ هن مهل تائين لاپتا آهن. 22 جولائي تي قصبه علي ڳڙھ سيڪٽر يونٽ 131 جي ٻن ڪارڪنن محمد عمران ۽ محمد نديم کي گرفتار ڪيو ويو، 23 جولائي تي ڪورنگي کان يونٽ 74 جي يونٽ انچارج ڪاشف وصي، ڪارڪن عرفان بٽ، قاري سعيد ۽ ڊفينس کان ڪارڪن فهد کي گرفتار ڪيو ويو، 25 جولائي تي سرجاڻي ٽائون سيڪٽر جي ڪارڪن محمد يونس، اورنگي ٽائون سيڪٽر جي ڪارڪن محمد دلاور ۽ ڪورنگي سيڪٽر جي ڪارڪن ڪاشف احمد کي گرفتار ڪيو ويو ۽ اڄ ڇنڇر تي ڪارڪنن فيصل، دانش ۽ هڪ همدرد کي ملير جي لياقت مارڪيٽ کان گرفتار ڪيو ويو جتي انهن جوتن جو اسٽال هنيو هو، گذريل هڪ هفتي جي دوران گرفتار ڪيلن مان ٻن ڪارڪنن کي ٿاڻڻ ۽ ٻن کي ريمانڊ تي جيل ۾ رکيو ويو آهي، جڏهن ته باقي ڪارڪنن جو هن مهل تائين ڪوئي به پتو آهي.انهن چيو ته لاپتا ڪارڪنن جا پونئر پنهنجن پيارن جي باري ۾ ڄاڻڻ جي لاءِ پوليس ۽ رينجر جي اسٽيششن تي چڪر ڪاٽيندا پيا وتن پر انهن کي ڪوئي به ٻڌائڻ جي لاءِ تيار نه آهي.رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم جي هر ڪارڪن کي گرفتاري کان پوءِ سياسي ڪارڪن جي بجاءِ ٽارگيٽ ڪلر، ڏوهاري ۽ دهشت گرد بڻائي پيش ڪيو پيو وڃي ۽ انهن جي ڪردار ڪشي ڪئي پئي وڃي.رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي ۾ دهشت گردي ۽ سنگين ڏوهن جون وارداتون ڪرڻ وارن طالبان ۽ دهشت گردن جي بجاءِ ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن کي چونڊي چونڊي گرفتار ڪيو پيو وڃي ۽ انهن جي نه ملڻ تي انهن جي ڀائرن ۽ ٻين مٽن مائٽن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي.انهن جانبداراڻه ڪاروائين جي ڪري ڪراچي ۾ آپريشن جا تسلي بخش نتيجا نه ملي رهيا آهن، رابطا ڪميٽي مطالبو ڪيو ته ايم ڪيو ايم جي گرفتار ڪيل ڪارڪنن کي رها ڪيو وڃي ۽ انهن کي تفشيش جي نالي تي لاپتا ۽ غائب ڪرڻ جي بجاءِ انصاف جا تقاضا پورا ڪندي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ بي گناھ ڪارڪنن ۽ همدردن جي گرفتارين جو سلسلو بند ڪيو وڃي.
*

5/16/2024 11:09:37 PM