ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان لياقت آباد ۾ پوليس جي شڪايتي ڪيمپ تي فائرنگ جي واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت.
ڪراچي؛ 26 جولائي 2014
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي دهشت گردن جي طرفان لياقت آباد ۾ پوليس جي شڪايتي ڪيمپ تي فائرنگ ڪرڻ جي واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار ۽ هڪ عورت ڪانسٽيبل جي شهادت تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ مذمتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته شهر ۾ دهشت گردن جي طرفان مسلسل پوليس اهلڪارن کي دهشت گردي جو نشانو بڻايو پيو وڃي انهن جي روڪٿام جي لاءِ عملي طور تي ڪوششون ڪيون وڃن. رابطا ڪميٽي شهيدن جي پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي انهن جي مغفرت جي لاءِ دعا به ڪئي.
***