سينيئر صحافي مجيد نظامي جي وفات تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان دلي تعزيت جو اظهار.
مجيد نظامي جي وفات سان مون کي ذاتي طور تي ڏک پهتو آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 26 جولائي 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سينيئر صحافي مجيد نظامي جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين مرحوم جي صحافتي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته مجيد نظامي جي وفات سان مون کي ذاتي طور تي ڏک پهتو آهي. جناب الطاف حسين مرحوم جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪنَ اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي مجيد نظامي مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ تمام سوگوارن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين.
****