ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي سابق ميمبر، ايم ڪيو ايم ليگل ايڊ ڪميٽي جي سابق انچارج ۽ متحده لائرز فورم جي ميمبر راشد اڪرام ايڊووڪيٽ جي والد اڪرام علي بيگ جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
لنڊن؛ 24 جولائي 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي سابق ميمبر، سابق انچارج ليگل ايڊ ڪميٽي ۽ متحده لائرز فورم جي ميمبر راشد اڪرام ايڊووڪيٽ جي والد اڪرام علي بيگ جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جناب الطاف حسين راشد اڪرام سميت تمام سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪنَ اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحوم اڪرام علي بيگ جي مغفرت فرمائي ۽ انهن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي .آمين.
*