پاڪستان جو معروف اسٽيج فنڪار محمود خان گردا ختم ٿيڻ جي ڪري وفات ڪري ويو، رابطا ڪميٽي جي طرفان تعزيت جو اظهار.
ڪراچي؛ 24 جولائي 2014
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي طرفان پاڪستان جي معروف اسٽيج فنڪار محمود خان جا گردا فيل ٿيڻ جي سبب وفات ڪرڻ تي دلي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. رابطا ڪميٽي محمود خان جي وفات تي انهن جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ انهن کي صبر جي تلقين ڪئي.انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي محمود خان کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوارن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين.
*