جناب الطاف حسين جي تعليمات تي عمل ڪندي ايم ڪيو ايم ڏکايل انسانيت جي بغير ڪنهن فرق جي خدمت ڪري رهي آهي. گلفراز خان خٽڪ.
ايم ڪيو ايم هزاره آرگنائيزنگ ڪميٽي جي تحت حقدار ماڻهن ۾ امدادي سامان ورهائڻ جي تقريب کي خطاب.
ڪراچي؛ 24 جولائي 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي خصوصي هدايت تي ايم ڪيو ايم هزاره آرگنائيزنگ ڪميٽي جي تحت لانڍي جي علائقي شيرپائو ڪالوني ۾ منعقد ڪيل تقريب ۾ غريب ۽ مستحق خاندانن ۾ راشن بيگ ۽ ٻيون ضروري شيون ورهايون ويون.ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر گلفراز خان خٽڪ چيو ته ايم ڪيو ايم جا تمام شعبا ۽ هڪ هڪ ڪارڪن جناب الطاف حسين جي تعليمات تي عمل ڪندي ڏکايل انسانيت جي بغير ڪنهن فرق جي خدمت ڪري رهيو آهي.انهن چيو ته ڪي ڪي ايف هر سال ڪروڙين روپين جو امدادي سامان سڄي ملڪ جي مستحق ماڻهن ۾ ورهائي ٿو ۽ پنهنجي هم وطنن جي مدد جي لاءِ هر گهڙي تيار آهي.ان موقعي تي سي اي سي جي ميمبر ليلٰي پروين، حق پرست نمائندا، عوام ۽ ڪارڪنن جي وڏي تعداد موجود هئي.ان موقعي افطار ڊنر جو اهتمام به ڪيو ويو