ملڪ ۾ حقيقي تبديلي انهي وقت ممڪن آهي جڏهن مظلوم ماڻهو باشعورٿي ڪري ملڪ ۾ نظام جي مثبت تبديلي جي لاءِ اڳتي اچن.اشفاق منگي.
ايم ڪيو ايم ڪراچي مضافاتي آرگنائيزنگ ڪميٽي جي زير اهتمام اولڊ ملير ۾ افطار ڊنر کي خطاب.
ڪراچي؛ 24 جولائي 2014
متحده قومي موومينٽ جي ڪراچي مضافاتي آرگنائيزنگ ڪميٽي جي زير اهتمام اولڊ ملير ۾ افطار ڊنر جو انعقاد ڪيو ويو جنهن ۾ رابطا ڪميٽي ميمبر اشفاق منگي، حق پرست نمائندن، ڪي ايم او سي انچارج فرخ اعظم ۽ ٻين کان علاوه عوام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي اشفاق منگي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ گذريل 67 سالن کان جاگيردارن، سرمائيدارن ۽ وڏيرن اقتدار تي قبضو ڪري رکيو آهي ۽ مظلوم ماڻهن کي ملڪ جي ترقي ۾ ڪردار ادا نه ڪرڻ ڏيئي رهيا آهن. انهن چيو ته ملڪ ۾ حقيقي طور تي تبديلي ان وقت ئي ممڪن آهي جڏهن غريب ۽ وچولي طبقي سان تعلق رکڻ وارا ماڻهو پاڻ اڳتي اچي ڪري آئنده نسلن جي لاءِ جدوجهد نه ڪندا.افطار ڊنر کي ڪي ايم او سي انچارج فرخ اعظم ۽ ٻين به خطاب ڪيو