Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

چوٽي جي شيعن ۽ سني ڊاڪٽرن، انجنيئرن، پروفيسرن، وڪيلن،دانشورن ۽ ليکڪن جو قتل روز جو معمول بڻجي چڪو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 7/24/2014

چوٽي جي شيعن ۽ سني ڊاڪٽرن، انجنيئرن، پروفيسرن، وڪيلن،دانشورن ۽ ليکڪن جو قتل روز جو معمول بڻجي چڪو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
صوبائي يا وفاقي حڪومت مان ڪنهن به قتل و غارتگري کي بند ڪرائڻ جي لاءِ ڪوششون نه ڪيون آهن.
عوام ڪنهن به مشڪوڪ سرگرمي يا مشڪوڪ ماڻهو جي اطلاع فوري طور تي پوليس ۽ انتظاميه کي ڏين.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي اپيل.
لنڊن؛ 24 جولائي 2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين وحشي دهشت گردن جي هٿان ممتاز عالم دين علامه طالب جوهري جي ناٺي( نياڻيَ) ۽ سينيئر وڪيل مبارڪ رضا ڪاظمي ايڊووڪيٽ جي وحشياڻي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ شهيد جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. جناب الطاف حسين مبارڪ رضا ڪاظمي جي قتل جي واقعي تي رابطا ڪميٽي سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته چوٽي جي شيعن ۽ سنين ڊاڪٽرن، انجنيئرن، پروفيسرن، وڪيلن، دانشورن ۽ ليکڪن جو قتل هاڻي روز جو معمول بڻجي چڪو آهي پر نه ته صوبائي حڪومت ۽ نه ئي وفاقي حڪومت انهن دهشت گردي جي واقعن کي بند ڪرائڻ جي لاءِ ڪي به ٺوس ڪوششون نه ڪيون آهن. ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪراچي جي عوام کي انتهائي دردمندانه اپيل ڪريان ٿو ته اهي اڳتي اچن ۽ پنهنجي مدد پاڻ جي تحت متحد ٿي ڪري شهر ۾ امن ڪميٽيون تشڪيل ڏين. جيڪي علائقن ۽ پاڙن ۾ اچڻ وڃڻ وارن مشڪوڪ ماڻهن ۽ گاڏين تي نظر رکن ۽ ڪنهن به مشڪوڪ سرگرمي يا مشڪوڪ ماڻهو جي اطلاع فوري طور تي پوليس ۽ انتظاميه کي ڏين. جناب الطاف حسين فرمايو ته حڪمرانن کي اهو فراموش نه ڪرڻ گهرجي ته جڏهن الله تعالٰي انهن کي حڪمراني جي منصب تي فائز ڪيو آهي ته عوام جي جان و مال جو تحفظ به انهن جو اولين فرض آهي ۽ ان فرض ۾ ڪوتاهي الله تعالٰي جي عذاب کي دعوت ڏيڻ جي برابر آهي. انهن فرمايو ته مان دعا ڪريان ٿو ته اهي ماڻهو جيڪي ملڪ خصوصن ڪراچي ۾ شيعه سني فسادَ ڪرائڻ جي سازش کي نه سمجهي رهيا آهن الله تعالٰي انهن کي عقل سليم عطا فرمائي.


5/16/2024 9:57:54 PM