Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

شهري رمضان شريف ۾ به پاڻي ڦڙي جي لاءِ تڙپي رهيا آهن، جيڪا ڳڻتي جي ڳالھ آهي.حق پرست ايم اين اي آصف حسنين.


 Posted on: 7/23/2014
شهري رمضان شريف ۾ به پاڻي ڦڙي جي لاءِ تڙپي رهيا آهن، جيڪا ڳڻتي جي ڳالھ آهي.حق پرست ايم اين اي آصف حسنين.
ڪراچي؛ 23 جولائي 2014
             ڪراچي ۾ وڌندڙ پاڻي جي بحران ۽ ٻين مسئلن جي حل جي لاءِ حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي وفد سان گڏجي ڪراچي واٽر اينڊ سوريج بورڊ جي ايم ڊي قطب الدين شيخ سان ملاقات ڪئي.ملاقات ۾ ڪراچي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي جي عدم فراهمي جي ڪري شهرين کي درپيش مسئلن جي حل ۽ ناجائز ڪنيڪشنن جي ذريعي پاڻي جي چوري، ٽينڪر مافيا ۽ غير قانوني هائيڊرينٽس ۽ واٽر بورڊ جي آفيسرن جي طرفان تعاون نه ڪرڻ جي سبب پاڻي جي چوري ۾ ملوث ڪارين رڍين جي خلاف ڪاروائي جي حوالي سان تفصيلي ڳالھ ٻولھ ٿي.ان کان پوءِ ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ڪندي آصف حسنين چيو ته ڪراچي جا شهري رمضان شريف جي مهيني ۾ به پاڻي ڦڙي جي لاءِ ترسي رهيا آهن پر واٽر بورڊ جي انڊر ڪنٽرول هائيڊرينٽس جي ذريعي صنعتي علائقن ۾ ٽينڪر مافيا جي ذريعي کلي عام پاڻي وڪرو ڪيو پيو وڃي جيڪا افسوس ناڪ ڳالھ آهي.انهن مطالبو ڪيو ته پاڻي جي چوري ۾ ملوث واٽر بورڊ  جي ملازمن کي نه صرف نوڪرين مان ڪڍيو وڃي بلڪه انهن جي خلاف مقدمو به درج ڪيو وڃي.ان موقعي تي قطب الدين ايم ڪيو ايم وفد کي يقين ڏياريو ته پاڻي جي چوري ۾ ملوث ملازمن، ٽينڪر مافيا ۽ غير قانوني هائيڊرينٽس جي سرپرستي ڪرڻ وارن جي خلاف اداري جي طرفان ڪاروائي ڪئي ويندي.
*****
 

5/16/2024 7:16:36 PM