رابطا ڪميٽي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي درگاھ سخي عبدالوهاب شاھ جيلاني تي حاضري ڏني.
حيدرآباد؛ 23 جولائي 2014
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي هدايت تي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر و ايم اين اي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي درگاھ سيدنا سخي عبدالوهاب شاھ جيلاني تي حاضري ڏني ۽ چادر چڙهائي ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي وڏي عمر. صحت و تندرستي ۽ ملڪ ۾ امن و امان ۽ ترقي و خوشحالي جي لاءِ دعائون ڪيون. ان موقعي تي حيدرآباد زونل انچارج نويد شمسي،ميمبرَ ، حق پرست نمائندا ۽ ڪارڪنَ به انهن سان گڏ هئا.
*