Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

25 لکن کان وڌيڪ آبادي رکندڙ ۽ سنڌ جي ٻئي وڏي شهر حيدرآباد ۾ پوليس جي نفري نه هجڻ جي برابر آهي. رابطا ڪميٽي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.


 Posted on: 7/23/2014
25 لکن کان وڌيڪ آبادي رکندڙ ۽ سنڌ جي ٻئي وڏي شهر حيدرآباد ۾ پوليس جي نفري نه هجڻ جي برابر آهي. رابطا ڪميٽي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.
اختيار رکندڙ ڌريون سنڌ ۽ پاڪستان جي بهتر مستقبل ۽ وسيع تر مفاد کي نظر ۾ رکندي پنهنجن فيصلن تي نظر ثاني ڪن.ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.
حيدرآباد؛ 23 جولائي 2014
           متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي  جي ڊپٽي ڪنوينر ۽ حق پرست ايم اين اي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته حيدرآباد جي لطيف آباد ۽ قاسم آباد ۾ ڏوهن جي وڌندڙ وارداتن ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي جيڪا ڳڻتي جي ڳالھ آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته 25 لکن کان وڌيڪ آبادي واري شهر حيدرآباد ۾ پوليس جي نفري نه هجڻ جي برابر آهي. جڏهن ته افسوسناڪ ڳالھ اها آهي ته ڏوھ ڪرڻ وارا ۽ ڏوهن کي روڪڻ وارا ٻئي حيدرآباد جا نه آهن ۽ اها ئي صورتحال ڪراچي جي به آهي. انهن چيو ته پوليس جو انتظام مقامي آفيسرن جي بجاءِ غير مقامي آفيسرن جي هٿن ۾ هجڻ جي ڪري سڄي حيدرآباد ۾ چوريون، ڌاڙا ۽ لٽ مار جي وارداتن سميت جوا جا اڏا، زمينن تي قبضا ۽ ٻيا ڏوه تيزي سان ٿي رهيا آهن، جڏهن ته پوليس جو ڪردار فقط نمائشي بڻجي ڪري رهجي ويو آهي.انهن چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد سڄي پاڪستان جي معيشت ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ حڪومت جي طرفان غيرمقامي ماڻهن کي ٻنهي شهرن جي پوليس ۾ مقرر ڪرڻ سان سنڌ سميت پاڪستان جي معيشت ۽ خصوصن ڪراچي ۽ حيدرآباد جي امن و امان کي سخت نقصان پهچي رهيو آهي.انهن چيو ته اختيار رکندڙ ڌرين کي سنڌ ۽ پاڪستان جي مفاد کي نظر ۾ رکندي پنهنجن فيصلن تي نظر ثاني ڪرڻ گهرجي.

5/16/2024 7:28:41 PM