Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

نيوز ويڪ جي طرفان جناب الطاف حسين کي دي رائيٽ مين قرار ڏيڻ هڪ سچي، کري ۽ محب وطن سياستدان ٿيڻ جي واضع دليل آهي. رابطا ڪميٽي ميمبر اسلم آفريدي.


 Posted on: 7/23/2014
نيوز ويڪ جي طرفان جناب الطاف حسين کي دي رائيٽ مين قرار ڏيڻ هڪ سچي، کري ۽ محب وطن سياستدان ٿيڻ جي واضع دليل آهي. رابطا ڪميٽي ميمبر اسلم آفريدي.
ايم ڪيو ايم ڪراچي مضافاتي آرگنائيزنگ ڪميٽي جي زير اهتمام ڪياماڙي سيڪٽر ۾ منعقده افطار ڊنر کي خطاب.
ڪراچي؛ 23 جولائي 2014
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر اسلم آفريدي چيو آهي ته بين الاقوامي رسالي نيوز ويڪ جي طرفان جناب الطاف حسين کي “دي رائيٽ مين” قرار ڏيڻ ان ڳالھ جو ثبوت آهي ته اهي هڪ سچا، کرا ۽ محب وطن سياستدان آهن. اها ڳالھ انهن ايم ڪيو ايم ڪراچي مضافاتي آرگنائيزنگ ڪميٽي جي زير اهتمام ڪياماڙي سيڪٽر ۾ معززن جي اعزاز ۾ ڏنل افطار ڊنر کي خطاب ڪندي ڪئي. ان موقعي تي حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي سلمان مجاهد بلوچ ۽ ڪراچي مضافاتي آرگنائيزنگ ڪميٽي جو انچارج فرخ اعظم ۽ ميمبر به موجود هئا.افطار ڊنر کي خطاب ڪندي اسلم آفريدي چيو ته اڄ جناب الطاف حسين جو فڪر و فلسفو ڪراچي کان گلگت بلتستان تائين ڦيلجي چڪو آهي. انهن چيو ته نيوز ويڪ جناب الطاف حسين کي دي رائيٽ مين جو جيڪو خطاب ڏنو آهي اهو جناب الطاف حسين جي ڪروڙين چاهڻ وارن جي لاءِ نه صرف خوشگوار آهي بلڪه جناب الطاف حسين جي حق پرستانه جدوجهد کان ڊڄندڙ ماڻهن جي لاءِ به هڪ ڌچڪو آهي.انهن چيو ته جناب الطاف حسين واحد ليڊر آهن جيڪي ٻاهرين ملڪ رهي ڪري به ان ملڪ جي آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهندي مظلومن جي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن .افطار ڊنر کي ميمبر قومي اسيمبلي سلمان مجاهد بلوچ ۽ ميمبر سنڌ اسيمبلي ڪامران اختر به خطاب ڪيو.
***

5/16/2024 7:16:40 PM