Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي طرفان اورنگي ٽائون، سرجاني ٽائون، ڪورنگي، ڊفينس،ڪلفٽن ۽ ملير ۾ ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي گهرن تي چاپن ۽ بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.


 Posted on: 7/23/2014
قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي طرفان اورنگي ٽائون، سرجاني ٽائون، ڪورنگي، ڊفينس،ڪلفٽن ۽ ملير ۾ ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي گهرن تي چاپن ۽ بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
گرفتار ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي فوري طور تي رها ڪيو وڃي ۽ چاپن ۽ گرفتارين جو سلسلو بند ڪيو وڃي. رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 23 جولائي 2014
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي اورنگي ٽائون ، سرجاني، ڪورنگي، ڊفينس، ڪلفٽن ۽ ملير ۾ ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي گهرن تي قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي طرفان بغير ڪنهن جواز جي چاپن ۽ غير قانوني گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان مطالبو ڪيو آهي ته ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي گهرن تي چاپن ۽ گرفتارين جو سلسلو فوري طور تي بند ڪرايو وڃي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته قانون نافذ ڪرڻ وارن اهلڪارن ايم ڪيو ايم اورنگي ٽائون سيڪٽر يونٽ 118 _بي جي ڪارڪن جاويد ظهير کي گذريل رات گلشن ضياء ڌاٻيجي ڪالوني ۾ انهن جي گهر تي چاپو هڻي ڪري گرفتار ڪيو، ڪورنگي سيڪٽر يونٽ 74 جي يونٽ انچارج ڪاشف وصي ولد مختيار ۽ ڪارڪن عرفان فخرو بٽ يونٽ 76 جي ڪارڪن سعيد ولد عبدالحڪيم، ڊفينس ڪلفٽن سيڪٽر يونٽ 7 پي اينڊ ٽي ڪالوني جي ايڊهاڪ يونٽ انچارج نديم شيخ ولد شيخ ابراهيم، سرڪل انچارج ڪمال پاشا ولد جمال الدين، ڪارڪن فهد ولد محمد احمد، ملير سيڪٽر يونٽ 101 جي ڪارڪن راحيل ولد ولي کي قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي اهلڪارن انهن جي گهرن تي چاپا هڻي ڪري گرفتار ڪيو. رابطا ڪميٽي وڌيڪ چيو ته ان کان علاوه ڪيترا ئي ذميوارَ ۽ ڪارڪنَ چاپن جي دوران گهرن تي مليا ئي نه،رابطا ڪميٽي چيو ته هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن فوج دهشت گردن جي خلاف آپريشن ضرب عضب ڪري رهي آهي ۽ ٻئي طرف ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جون گرفتاريون ملڪ و قوم جي مفاد ۾ هرگز به نه آهن.رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم ته پاڪ فوج کي پنهنجي ڀرپور تعاون جي پيشڪش ڪندي رهي آهي پر ائين محسوس ٿئي ٿو ته هڪ سازش جي تحت ايم ڪيو ايم کي ملڪي مفاد ۽ دفاع جي لاءِ پنهنجو عملي ڪردار ادا ڪرڻ کان روڪڻ جا حربا استعمال ڪيا پيا وڃن جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي.رابطا ڪميٽي صدر مملڪت ممنون حسين، وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخله چوڌري نثار علي خان ۽ ڪورڪمانڊر ڪراچي سجاد غني کان مطالبو ڪيو ته غيرقانوني چاپن ۽ گرفتارين جو سنجيدگي سان نوٽس ورتو وڃي ۽ گرفتار ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي فوري طور تي رها ڪيو وڃي ۽ چاپن ۽ گرفتارين جو سلسلو فوري طور تي بند ڪرايو وڃي.

5/16/2024 7:29:28 PM