Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم روايتن کي ٽوڙيندڙ تحريڪ آهي ۽ سياست برائي خدمت تي يقين رکي ٿي. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي


 Posted on: 7/22/2014
ايم ڪيو ايم روايتن کي ٽوڙيندڙ تحريڪ آهي ۽ سياست برائي خدمت تي يقين رکي ٿي. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.
جناب الطاف حسين واحد ليڊر آهن جن سڀني کان پهرين اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون کان غزه ۾ ٿيندڙ ظلمن کي بند ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.ڊاڪٽر صغير احمد.
ملڪ کان جاگيرداراڻه نظام ختم ٿي وڃي ته اسان کي امدادي پروگرام ڪرڻ جي گهرج ئي نه پوي. اشفاق منگي.
حيدرآباد ۾ خدمت خلق فائونڊيشن جي سالانه امدادي پروگرام کي خطاب.
حيدرآباد؛ 22 جولائي 2014
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم روايتن کي ٽوڙيندڙ تحريڪ آهي ۽ ايم ڪيو ايم سياست برائي خدمت تي يقين رکي ٿي ۽ عام ماڻهن کي چونڊرائي ڪري ايوانن ۾ موڪلي رهي آهي ته جيئن ملڪ کان فرسوده نظام جو خاتمو ڪري سگهجي.انهن چيو ته اسان پنهنجي حصي جو انقلاب آڻي چڪا آهيون ۽ هن ملڪ جو نظام اسان جي قائد جي هٿن سان ئي تبديل ٿيندو. انهن خيالن جو اظهار انهن اڱاري جي شام خدمت خلق فائونڊيشن حيدرآباد جي تحت سالانه امدادي پروگرام جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.انهن خطاب ڪندي چيو ته جتي ڏکايل ماڻهو هوندا اتي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ انهن جا ڪارڪنَ موجود هوندا.اڄ اسان جن هٿن ۾ اٽي جا ٿيلا ڏيئي رهيا آهيون، جناب الطاف حسين جو خواب آهي ته انهن جي هٿن ۾ پاڪستان جي تقدير ڏني وڃي، ڇو ته انهن کان وڌيڪ مخلص ڪوئي به پاڪستاني ٿي نه ٿو سگهي.انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين پاڪستان جي غريب ۽ وچولي طبقي جي نوجوانن کي اسيمبلين ۾ پهچايو ۽ انهن جي ذريعي غريبن جا مسئلا حل ڪرايا، جڏهن ته ڪجھ ماڻهو هڪ اسپتال بڻائي ڪري ملڪ جا وزير اعظم بڻجڻ جا خواب ڏسي رهيا آهن.انهن مطالبو ڪيو ته سنڌ جي بارڊر تي فوري طور تي چوڪيون قائم ڪيون وڃن ته جيئن انهن ماڻهن جي سڃاڻپ ڪري سگهجي جيڪي آئي ڊي پيز جي ويس ۾ سنڌ جي شهري علائقن ۾ داخل ٿي رهيا آهن.تقريب کي رابطا ڪميٽي ميمبر ڊاڪٽر صغير احمد خطاب ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم سياست جي ميدان ۾ ڪجھ به ڪري رهي هجي پر فلاحي ڪمن جو سلسلو سڄو سال جاري رهي ٿو. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم واحد جماعت آهي جنهن غريبن ۽ مظلومن جي لاءِ اسپتالَ، ڊسپينسريون، ايمبولينسون، ميت بس سروس ، اسڪولن ۽ يونيورسٽين جو ڄار وڇايو. انهن چيو ته جناب الطاف حسين واحد ليڊر آهن جن سڀني کان پهرين اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون کان غزه ۾ ٿيندڙ ظلمن کي بند ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.رابطا ڪميٽي ميمبر عبدالحسيب خطاب ڪندي چيو ته رمضان شريف احسان جو مهينو آهي.آمريڪاٽوئن ٽاورگري يا بالا ڪوٽ ۾ زلزلو اچي يا ڪٿي به ڪوئي طوفان اچي اتي جناب الطاف حسين جي هدايت تي سڀني کان پهرين ڪي ڪي ايف جو ادارو مدد جي لاءِ پهچي ٿو. رابطا ڪميٽي ميمبر اشفاق منگي چيو ته ڪي ڪي ايف جون خدمتون ڪنهن کان به لڪيل نه آهن ،سڄي پاڪستان ۾ عوام جي خدمت جاري رهي ٿي، جيڪڏهن هن ملڪ مان جاگيرداراڻه نظام ختم ٿي وڃي ته اسان کي امدادي پروگرام ڪرڻ جي گهرج ئي نه پوي.ان کان علاوه سنڌ تنظيمي انچارج عمر قريشي، حيدرآباد زونل انچارج نويد شمسي، حق پرست اسيمبلي ميمبرن سيد وسيم حسين، عائشه آفتاب ۽ ٻين به تقريب کي خطاب ڪيو.


5/16/2024 8:53:31 PM