Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سانوڻي جي برساتن جي اڳڪٿي کي نظر ۾ رکندي ڪراچي، حيدرآباد ۽ سنڌ ۾ هنگامي حالت جي نفاذ جو اعلان ڪيو وڃي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 7/22/2014
سانوڻي جي برساتن جي اڳڪٿي کي نظر ۾ رکندي ڪراچي، حيدرآباد ۽ سنڌ ۾ هنگامي حالت جي نفاذ جو اعلان ڪيو وڃي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ٻن ڪروڙن کان وڌيڪ آبادي وارو شهر ڪراچي، ميٽرو پوليٽن شهر هجڻ جي باوجود مقاني حڪومت جي نظام کان محروم آهي.جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 22 جولائي 2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته سانوڻي جي منڌ کي نظر ۾ رکندي ڪراچي ، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ هنگامي حالت جي نفاذ جو اعلان ڪيو وڃي ۽ عوام کي بنيادي سهولتن جي فراهمي جي لاءِ جلد کان جلد فنڊ جاري ڪيا وڃن، صحت و صفائي، سيوريج، پاڻي جي فراهمي ۽ ٻين مسئلن جي حل جي لاءِ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ جلد کان جلد مڪاني اليڪشن جو انعقاد ڪري مڪاني حڪومتن جو نظام نافذ ڪيو وڃي.پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته هر سال وانگر هن سال به سانوڻي جي منڌ ۾ وڏين برساتن جي اڳڪٿي ڪئي پئي وڃي پر حڪومت جي طرفان نالن جي صفائي ۽ سيوريج جي نظام کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ هن مهل تائين ڪو به قدم نه کنيو ويو آهي.ٻن ڪروڙن کان وڌيڪ آبادي وارو شهر ڪراچي ، ،پاڪستان جو ميٽرو پوليٽن شهر هجڻ جي باوجود مڪاني حڪومت جي نظام کان محروم آهي. ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ صحت و صفائي جي صورتحال وڌيڪ سنگين صورت اختيار ڪري چڪي آهي ۽ خدشو آهي ته طوفاني برساتن جي ڪري ڪراچي ۽ سنڌ ۾ صورتحال سنگين ٿي سگهي ٿي،جناب الطاف حسين وفاقي ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سانوڻي جي برساتن کي نظر ۾ رکندي ڪراچي، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ هنگامي حالت جي نفاذ جو اعلان ڪيو وڃي ۽ هنگامي بنيادن تي برساتي نالن جي صفائي ۽ صحت و صفائي جي سهولتن جي فراهمي جي لاءِ ڪراچي ۽ ٻين شهرن جي لاءِ جلد کان جلد فنڊ جاري ڪيا وڃن ۽ مسئلن جي مستقل حل جي لاءِ مڪاني حڪومتن جو نظام نافذ ڪيو وڃي.
*****

5/16/2024 9:16:47 PM