Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

حڪومت جي واضع هدايت جي باوجود سرڪاري، نيم سرڪاري ۽ پرائيويٽ ادارن ۾ متعصب انتظاميه جي طرفان ملازمن کي ايڊوانس پگهارن ۽ عيد بونس جي عدم فراهمي تي رابطا ڪميٽي جي طرفان ڳڻتي جو اظهار


 Posted on: 7/21/2014
حڪومت جي واضع هدايت جي باوجود سرڪاري، نيم سرڪاري ۽ پرائيويٽ ادارن ۾ متعصب انتظاميه جي طرفان  ملازمن کي ايڊوانس پگهارن ۽ عيد بونس جي عدم فراهمي تي رابطا ڪميٽي جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
ڪراچي؛ 22 جولائي 2014
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي واضع هدايت جي باوجود سنڌ جي ڪيترن ئي سرڪاري،نيم سرڪاري ۽ پرائيويٽ ادارن ۾ متعصب انتطاميه جي طرفان ملازمن کي عيدالفطر جي ايڊوانس پگهار ۽ عيد بونس جي عدم فراهمي تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ ان کي ملازمن جي حق تلفي ۽ انهن سان سراسر ظلم و زيادتي قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته سرڪاري ۽ پرائيويٽ ادارن ۾ ملازمن کي پگهارون ۽ بونس نه ملڻ جي ڪري سخت بيچيني پاتي وڃي ٿي. جنهن جي ڪري انهن کي عيد جي تيارين ۾ سخت پريشانين جو سامنو ڪرڻو پئجي رهيو آهي ۽ انهن جون عيد جون خوشيون به اڌوريون رهجي ويون آهن.رابطا ڪميٽي چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي واضع هدايت ۽ سرڪار جي طرفان فنڊ جاري ڪرڻ جي باوجود ڪجھ سرڪاري ۽ پرائيويٽ ادارن جي انتطاميه متعصبانه رويو اختيار ڪيو آهي جيڪو ملازمن جي حق تلفي ۽ انهن سان سراسر ظلم و زيادتي آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي.رابطا ڪميٽي وفاقي حڪومت، گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته عيد کان اڳ ادارن جي انتظاميه جي طرفان ملازمن سان متعصبانه رويي جو نوٽس وٺندي ملازمن کي اڳواٽ پگهارون ۽ عيد بونس جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي.

5/16/2024 10:29:07 PM