Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

رمضان شريف ۾ شهر جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جي بندش تي حق پرست نمائندن جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.


 Posted on: 7/22/2014
رمضان شريف ۾ شهر جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جي بندش تي حق پرست نمائندن جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
ڪراچي؛ 22 جولائي 2014
           سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن رمضان شريف جي دوران شهر جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جي بندش تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ گڏيل بيان ۾ سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن چيو ته شهر جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جي سپلائي گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان بند آهي جنهن جي ڪري شهرين کي سخت مشڪلاتن جو سامنو آهي، جڏهن ته پاڻي جي عدم فراهمي سان انهن جا معمولات زندگي به سخت متاثر ٿي رهيا آهن. انهن چيو ته هڪ طرف ته پاڻي جو بحران آهي جڏهن ته ٻئي طرف واٽر بورڊ جي آفيسرن جي ملي ڀڳت سان بند ڪيل غيرقانوني هائيڊرينٽس کان به وڏي تعداد ۾ پاڻي وڪرو ڪيو پيو وڃي جيڪو شهرين سان ظلم ۽ سراسر زيادتي آهي. انهن گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته نارٿ ڪراچي، نارٿ ناظم آباد، گلبهار، فيڊرل بي ايريا، لياقت آباد، سائيٽ، بلديه ٽائون، اورنگي ٽائون، خاموش ڪالوني، پاڪ ڪالوني، سرجاني، لانڍي، ملير، ڪورنگي، شاھ فيصل ڪالوني، ملير ۽ لائينز ايريا سميت ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جي بندش جو نوٽس ورتو وڃي ۽ رمضان شريف ۾ شهرين کي پريشان ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي.

5/16/2024 8:01:47 PM