ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مسلم ليگ ن پنجاب جي ايم پي اي خرم گلفام جي وفات تي افسوس جو اظهار.
ڪراچي؛22 جولائي 2014
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي مسلم ليگ ن پنجاب جي ايم پي اي خرم گلفام جي سخت بيماري سبب وفات ڪري وڃڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي خرم گلفام مرحوم جي پونئرن ۽ مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالٰي مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين