سينيئر سياستدان ۽ سابق مزدور رهنما مختيار راڻا جي وفات تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان تعزيت جو اظهار.
ڪراچي؛ 21 جولائي 2014
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي سينيئر سياستدان ۽ سابق مزدور رهنما مختيار راڻا جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي مرحوم جي تمام سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي انهن کي صبر جي تلقين ڪئي.رابطا ڪميٽي دعا ڪئي ته الله تعالٰي مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوارن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين