ميرپور آزاد ڪشمير ۾ دردناڪ ٽريفڪ حادثي ۾ 11 ماڻهن جي هلاڪت تي جناب الطاف حسين جي طرفان دلي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار.
لنڊن؛ 21 جولائي 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ميرپورآزاد ڪشمير ۾ ٽريفڪ حادثي ۾ 11 ماڻهن جي هلاڪ ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ انهن هلاڪ ٿيندڙ تمام ماڻهن جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪنَ اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحومن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي، سوگوارن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي ۽ زخمين کي جلد و مڪمل صحتيابي عطا فرمائي.آمين.