Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سي اين جي جي استعمال ۽ غير معياري سلينڊرن جي تنصيب جو سختي سان نوٽس ورتو وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


 Posted on: 7/21/2014
پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سي اين جي جي استعمال ۽ غير معياري سلينڊرن جي تنصيب جو سختي سان نوٽس ورتو وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
فيڊرل بي ايريا ۾ فضل مل جي ويجهو مسافر بس ۾ سلنڊر ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ ٽن ماڻهن جي هلاڪ ۽ ڪجھ ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي رابطا ڪميٽي جي طرفان افسوس جو اظهار.
ڪراچي؛ 21 جولائي 2014
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي فيڊرل بي ايريا جي علائقي فضل مل جي ويجهو سي اين جي ڀرائڻ وقت بس جو سلينڊر ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ ٽن ماڻهن جي هلاڪ ۽ ڪجھ ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سي اين جي جي وڌندڙ استعمال ۽ ان مقصد جي لاءِ گاڏين ۾ غيرمعياري  سلنڊر نصب ڪرڻ جي نتيجي ۾ خوفناڪ حادثا روز جو معمول بڻجي چڪا آهن جنهن جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن جڏهن ته لاڳاپيل ادارن جي طرفان شهرين جي جان و مال جي تحفظ ۽ ان جي تدارڪ جي لاءِ ڪنهن به قسم جون ڪوششون ڏسڻ ۾ نه ٿيون اچن. رابطا ڪميٽي هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي مغفرت ۽ انهن جي بلند درجات جي لاءِ دعا به ڪئي ۽ زخمين جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ به دعا ڪئي.ان کان علاوه رابطا ڪميٽي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سي اين جي جي استعمال ۽ غيرمعياري سلنڊرز جي تنصيب جو سختي سان نوٽس ورتو وڃي ۽ غفلت ڪندڙن ۽ لاڳاپيل ادارن جي خلاف سخت ترين ڪاروائي ڪئي وڃي.

5/16/2024 9:57:45 PM